ٻوڙائي ڪوئو

ٻُوڙائي ڪوئو / Bush Rat / Golunda ellioti: هيءُ ڪوئو، ڏسڻ ۾ گهريلو ڪوئي جهڙو پر ان کان قد بت ۾ ننڍو آهي. مٿيون حصو ۽ سڄي پٺي دڙڳ دڙڳ ناسي آهيس. پيٽ سليٽي ٿئيس ٿو. پڇ جسم ۽ مٿي جي ڀيٽ ۾ ننڍو اٿس. اکيون وڏيون ۽ ڪَن وچولي ماپ جا گول ۽ بجدار هوندا اٿس. ٻين ڪوئن جي ٻِـرن ۾، پٿر جي ڍيرن ۾ يا پنهنجن کوٽيل ٻِرن ۾ رهندو آهي. ڏينهن جو به سرگرم هوندو آهي ۽ گاهن، پٿرن جي وچ ۾ ڊوڙندو وتندو آهي. ٻوُڙن ۽ وڻن تي چڙهي ٻج، ننڍڙا گول ميوا ۽ ساوا سلا کائيندو آهي. مادي هڪ وقت ۾ چار ٻچا ڏئي ٿي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو